Mustafa Samo retweeted
پنجابي استعماريت جو ڪردار ۽ تاريخي قومن جي آزاديءَ جو سوال.
تاريخي قومن جي حوالي سان پنجابي سامراج ۽ ان جي سماجي-سياسي ڍانچي جو مجموعي رويو بنيادي طور تي استعماري، قابض ۽ سامراجي رهيو آهي. پنجاب جو سياسي ڪارڪن هجي، مذهبي عالم هجي، فوجي جرنيل هجي يا پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندڙ دانشور هجي—انهن سڀني جي سياسي سوچ ۽ عملي ڪردار جو بنيادي اتفاق هڪ ئي مرڪزي نقطي تي گڏ ٿئي ٿو: "غير فطري رياست پاڪستان جي وجود کي برقرار رکڻ ۽ ان جي اندر تاريخي قومن کي سياسي طور قيد رکڻ."
غير فطري رياست پاڪستان جي مرڪزي رياستي ڍانچي ۾ پنجابي عددي اڪثريت ۽ فوجي بالادستيءَ جي زور تي سنڌين، بلوچن، پشتونن، سرائڪين، ڪشميرين ۽ ٻين تاريخي قومن کي بيٺڪي قبضي، سياسي جبر ۽ معاشي استحصال هيٺ دٻايو پيو وڃي. جڏهن به هن غير فطري رياست ۾ قيد تاريخي قومون پنهنجي قومي وجود جي بقا، تاريخي وطنن جي مالڪي ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪن ٿيون، تڏهن پنجاب سندن آواز کي سياسي دليل سان جواب ڏيڻ بدران پنهنجي فوجي طاقت، سفاڪيت ۽ رياستي فاشزم ذريعي انهن جي نسل ڪشي ۽ رتوڇاڻ ڪري دٻائي ٿو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان پنهنجي سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ جوهر ۾ صرف پنجاب جي مفادن ۽ ضرورتن جو محافظ آهي، ۽ ان جي رياستي ادارن توڙي وسيلن جي ورڇ جو رخ رڳو پنجاب جي حڪمراني ۽ سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ قائم رکيو ويو آهي ۽ تاريخي قومن جي معاشي وسيلن کي پنجاب پنهنجي لاء مال غنيمت سمجهي ڦري لٽي ٿو.
اهو هڪ تلخ تاريخي سچ آهي ته پنجاب جا عام ماڻهو توڙي اتان جون سياسي، مذهبي ۽ ترقي پسند ڌريون پنجابي فوج جي هن قومي جبر خلاف ڪڏهن به حقيقي مزاحمت نه ٿيون ڪن. جڏهن اهي هن نظام جي جبر خلاف عملي مزاحمت نٿا ڪن، تڏهن هو پنهنجي عمل سان پنجابي فوجي بالادستيءَ کي چئلينج ڪرڻ بدران ان فوج کي پنهنجي بالادستي ۽ بقا جو ضامن ۽ هٿيار سمجهي ان رياستي ڍانچي جو حصو بڻجي وڃن ٿا. جيڪڏهن پنجابي سماج واقعي تاريخي قومن جي الڳ قومي وجود، سندن وطنن ۽ آزاديءَ جو حامي هجي ها، ته پوءِ پنجابي فوجي بالادستيءَ خلاف سڀ کان وڏي ۽ اثرائتي سياسي ۽ هٿياربند مزاحمت خود پنجاب جي سرزمين تان اڀري ها. پر ان جي ابتڙ، جڏهن پنجاب جون سياسي تحريڪون ۽ ڌريون بار بار پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا لاءِ سرگرم ٿين ٿيون، تڏهن انهن جي عملي سياست پنجابي استعماريت جي بقا کي ئي مضبوط ڪري ٿي؛ ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي قائم رکڻ جو نعرو تاريخي قومن لاءِ برابريءَ جو نعرو نه، پر انهن کي هڪ مرڪزي رياست جي تابع رکڻ ۽ پنجابي استعماريت کي بچائڻ جو سياسي موقف آهي.
انهيءَ ڪري پنجابي بالادست ڍانچي جو مجموعي سياسي ڪردار استعماري ۽ سامراجي آهي، جيڪو تاريخي قومن کي غلام رکڻ چاهي ٿو، جڏهن ته محڪوم تاريخي قومون—سنڌي، بلوچ، پشتون، سرائڪي، ڪشميري ۽ ٻيون قومون—هن غير فطري رياستي قيد مان مڪمل آزادي چاهين ٿيون ته جيئن هو پنهنجي قومي وجود، وطن ۽ مستقبل بابت فيصلا پاڻ ڪري سگهن.
هن نظرياتي اصول جي روشنيءَ ۾، سياسي ترقي پسندي ۽ رجعت پسنديءَ جو معيار بلڪل صاف ۽ چٽو آهي:
رجعت پسند ڪردار: هر اهو سياسي، مذهبي، جمهوري يا پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندڙ فرد، تنظيم، دانشور يا سياسي ڪارڪن—پوءِ ان جو تعلق پنجاب سان هجي يا سنڌ، بلوچستان، پختونخواهه، سرائيڪي وسيب ۽ ڪشمير سان—جيڪو هن غير فطري رياست پاڪستان جي بقا، استحڪام ۽ تاريخي قومن کي ان جي تابع رکڻ واري نظام جي حمايت ڪري ٿو، اهو پنهنجي عملي سياسي جوهر ۽ فطرت ۾ رجعت پسند ۽ قومي غلاميءَ جو حامي آهي.
ترقي پسند ڪردار: ان جي ابتڙ، هر اهو سياسي ڪارڪن، دانشور، تنظيم يا مذهبي، جمهوري ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ فرد، جيڪو هن غير فطري رياستي ڍانچي کي رد ڪري ٿو ۽ تاريخي قومن جي پاڪستان کان مڪمل قومي آزاديءَ لاءِ عملي ميدان ۾ بيٺل آهي ۽ جدوجهد ڪري ٿو، اهو ئي پنهنجي سياسي جوهر ۽ تاريخي ڪردار ۾ حقيقي ترقي پسند آهي.
پنجابي سامراج مرده باد!
سنڌوديش زنده باد!
شفيع برفت
Mustafa Samo retweeted
مارگ جي مرن وڏو طالح تن جو
جساف اڳواڻ شهيد آصف پنهور سائين جي ايم سيد جو صالح پٽ هو بهتر تعليم بهتر سياست هُن جو نعرو هئي آصف سلڇڻو ڏاهو بهادر سنڌ وطن جو انمول هيرو هو اسان جا شهيد ساٿي اسان جي هٿن ۾ روشن ڏياٽي جيان آهن سندن رستي تي هلڻ اسان جو ايمان آهي شهيد کي ورسي تي سلام
Mustafa Samo retweeted
سندھ کا سماجی تانا بانا، جدیدیت اور قومی وحدت کا سوال.
سندھ کی سماجی و سیاسی ساخت کے حوالے سے، سندھ میں بسنے والی اردو بولنے والی آبادی اس دھرتی کی سماجی، لبرل اور جدید روح کی نمائندہ ہے۔ اس فکری زاویے کے تحت، باشعور سندھی قوم کو چاہیے کہ وہ پیپلز پارٹی سے وابستہ جاگیردارانہ اور وڈیرانہ طبقات پر انحصار کرنے یا انہیں اپنا نمائندہ سمجھنے کے بجائے اردو بولنے والی آبادی کو اپنا حقیقی بھائی اور اس دھرتی کا وارث (دھرتی دھنی) تسلیم کرے۔
اس سیاسی و نظریاتی بیانیے کا مرکزی نکتہ یہ ہے کہ سندھ میں باہمی رشتے، اتحاد اور سیاسی صف بندی کا واحد معیار اور کسوٹی صرف اور صرف سندھ سے حب الوطنی اور اس کی دھرتی سے وفاداری ہونی چاہیے۔ طبقاتی، لسانی یا روایتی جاگیردارانہ سیاست سے بالاتر ہو کر ایک ایسے مشترکہ جدید وطنی قومی شعور کی تشکیل کے فہم و ادراک کو سمجھنے کی ضرورت ہے جہاں دھرتی کے تمام باسی ایک ہی وطنی ، قومی سیسے اور معاشی وحدت کا حصہ بن سکیں۔
یہ ایک تاریخی فکری مؤقف ہے جس کو لسانی نسلی سوچ سے بالاتر ہوکر سمجھنے قبول کرنے کی اشد ضرورت ہے، جس طرح سندھی سماج کے باشعور طبقے پر یہ ذمہ داری عائد ہوتی ہے کہ وہ جاگیردارانہ سیاست کو رد کر کے اردو بولنے والے عوام کو گلے لگائے، اسی طرح اردو بولنے والی آبادی کو بھی سندھ کی دھرتی، اس کے مفادات تاریخی حیثیت قومی اور اتنی وجود اور اس کی حب الوطنی کے سوال پر اپنا مؤقف دوٹوک، واضح اور غیر مبہم انداز میں طے کرنے کی ضرورت ہے۔ دونوں طبقات کا یہی باہمی اعتماد اور دھرتی سے غیر مشروط وابستگی ہی سندھ کے روشن، جدید اور ترقی پسند مستقبل کی ضمانت بن سکتی ہے۔
— شفیع برفت
Pakistan’s elite activists are quick to criticise the Indian media for being pro-government. Yet they remain conspicuously silent when Pakistan’s mainstream media acts as a mouthpiece for the state. Its bias is revealed by the fact that it frequently does not cover protests by Sindhis.
Mustafa Samo retweeted
Dr. Mahrang Baloch is a true leader, she herself is a voice of thousands of voiceless Baloch.
Just because she stood against Baloch Genocide and Enforced disappearances in Balochistan.
She is facing life time prison.
Pakistan, Release Dr. Mahrang Baloch.
#ReleaseDrMahrangBaloch
"Punjabi army and individual punjabi politicians have turned blind eye to Sindh's protest by hundred-thousands and the resolution passed by Sindh Assembly [against division] instead they have resorted to threats towards Sindhi Nation."
General Secretary (JSMM)
Mustafa Samo retweeted
ہم واضع کرتے ہیں کہ ہمیں پنجاب اور پنجابییوں سے نفرت نہیں ہمیں اگر نفرت ہے تو ان کے قبضے سے ہیں اور قبضے والی سوچ سے ہیں جو پنجاب میں بیٹھ کر سندھ کو قبضے میں رکھنا چاہتے ہیں
جیئے سندھ محاذ چیئرمین ریاز چانڈیو
#JeaySindhMahazChairmanRiazChandio
#SindhIsOne
Mustafa Samo retweeted
جسمم جي جدوجهد جا گهڻ رُخا محاذ:
جيئي سنڌ متحده محاذ جي جدوجهد کي ڪنهن هڪ بيان، هڪ واقعي يا هڪ محاذ تائين محدود ڪري سمجهي نٿو سگهجي. جسمم پنجاب سامراج ۽ ان جي رياستي ڍانچي خلاف هڪ ئي وقت عملي، سياسي، فڪري، سفارتي ۽ نفسياتي محاذن تي جدوجهد ڪري رهي آهي. اهي الڳ الڳ رستا نه، پر هڪ ئي قومي جدوجهد جا هڪٻئي سان ڳنڍيل پاسا آهن. جسمم جو هر بيان، موقف ۽ پاليسي تڏهن ئي پنهنجي پوري معنيٰ سان سمجهي سگهجي ٿي، جڏهن ان کي انهن سڀني محاذن جي پسمنظر ۾ پڙهيو ۽ پرکيو وڃي.
عملي جدوجهد جسمم جي پنهنجي سڃاڻپ آهي. اها رڳو لفظن، قراردادن يا بيانن تائين محدود نه رهي آهي. جسمم جي جدوجهد جو عملي پاسو ان عزم جو اظهار آهي ته قومي آزاديءَ جو مقصد رڳو اعلانن سان حاصل نٿو ٿي سگهي؛ ان لاءِ مسلسل سياسي عمل، قرباني ۽ منظم قومي مزاحمت گهربل آهي. جسمم جي تاريخ ۽ سڃاڻپ کي ان عملي پاسو کان ڌار ڪري ڏسڻ، تحريڪ جي بنيادي ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ برابر آهي.
سياسي ۽ فڪري محاذ تي جسمم جو بنيادي ڪم قومي شعور ۽ سيد جي فڪر جو دفاع آهي. جسمم سيد جي فڪر کي سنڌ جي قومي وجود، آزاديءَ ۽ وطن سان وابستگيءَ جي فڪري بنياد طور ڏسي ٿي. اها رڳو ڪنهن تاريخي شخصيت سان عقيدت جو معاملو ناهي؛ اهو سنڌ جي قومي حقن، سياسي تشخص ۽ آزاديءَ واري مقصد جي فڪري وضاحت ۽ حفاظت جو سوال آهي. ان ڪري جسمم جي سياسي موقف کي سمجهڻ لاءِ اهو ڏسڻ ضروري آهي ته اهو سنڌ جي قومي سوال ۽ سيد جي فڪر سان ڪهڙيءَ طرح لاڳاپيل آهي.
سفارتي محاذ تي جسمم عالمي اتحادين، سياسي ڌرين ۽ انساني حقن جي ادارن تائين سنڌ جو قومي موقف پهچائڻ لاءِ سرگرم آهي. عالمي سطح تي پنهنجي موقف کي پيش ڪرڻ، سنڌ جي صورتحال بابت آواز اٿارڻ ۽ ٻاهرين دنيا سان سياسي رابطا قائم ڪرڻ تحريڪ جي وسيع حڪمتِ عمليءَ جو حصو آهن. جسمم جي ڪنهن به سفارتي بيان کي رڳو رواجي سياسي ڳالهه سمجهڻ بدران، اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو عالمي راءِ، اتحادين ۽ سنڌ جي قومي موقف سان ڪهڙو تعلق رکي ٿو.
نفسياتي محاذ تي جسمم جو مقصد سنڌي قوم اندر رياستي منفي پروپيگنڊا، خوف، دهشت ۽ وسوسن کي شڪست ڏئي قومي اتساهه ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ آهي. جڏهن قوم کي مسلسل خوفزده ڪرڻ، مايوس ڪرڻ يا پنهنجي مقصد تان هٽائڻ جون ڪوششون ٿين ٿيون، تڏهن قومي اعتماد بحال ڪرڻ به جدوجهد جو اهم حصو بڻجي وڃي ٿو. اهڙي ماحول ۾ جسمم جا لفظ، اعلان ۽ قومي سڏ رڳو معلومات ڏيڻ لاءِ نه، پر قوم جي حوصلي کي قائم رکڻ ۽ قومي شعور کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ به هوندا آهن. انهن جو اثر ۽ مقصد نفسياتي جنگ جي تناظر ۾ سمجهڻ گهرجي.
ان ڪري جسمم جي ڪنهن هڪ بيان کي ان جي مجموعي پاليسيءَ کان ڪٽي، رڳو لفظن يا هڪ پهلوءَ جي بنياد تي پرکڻ سان ان جو اصل مفهوم ظاهر نه ٿيندو. اهڙي اڌوري پڙهڻيءَ ۾ بيان جو جزوي مطلب ته سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو، پر ان جو مجموعي ڳر، سياسي مقصد ۽ قومي جدوجهد سان لاڳاپو نظرانداز ٿي وڃي ٿو. جسمم جو هر بيان پنهنجي مخصوص وقت، سياسي صورتحال، قومي ضرورت ۽ مختلف محاذن تي جاري جدوجهد سان ڳنڍيل هوندو آهي. ان کي صحيح سمجهڻ لاءِ ان جي لفظن سان گڏ ان جو پسمنظر، مخاطب، مقصد ۽ تحريڪ جي مجموعي پاليسي به ڏسڻ لازم آهي.
ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته جسمم ڪا عام روايتي قومپرست پارٽي ناهي. اها پابنديءَ هيٺ آيل، انڊرگرائونڊ ۽ انقلابي سياسي تنظيم آهي. اهڙي تنظيم جي ڪم ڪرڻ جا حال، طريقا ۽ سياسي ضرورتون روايتي پارٽين کان مختلف هونديون آهن. جسمم کي رڳو ان معيار تي پرکڻ ته عام، کليل ۽ پارلياماني پارٽيون ڪيئن ڪم ڪن ٿيون، ان جي حقيقي سياسي حيثيت ۽ جدوجهد جي نوعيت کي نه سمجهڻ جي برابر آهي. پابندي ۽ زيرِزمين ڪم ڪرڻ جون حالتون به جسمم جي بيانن، پاليسين ۽ سياسي حڪمتِ عمليءَ جي پسمنظر جو حصو آهن.
جسمم جي موقف کي سمجهڻ لاءِ تنهنڪري ان کي هڪ پاسي محدود ڪرڻ بدران، ان جي عملي جدوجهد، سياسي ۽ فڪري موقف، سفارتي سرگرمين، نفسياتي ڪردار ۽ انڊرگرائونڊ تنظيم جي حالتن کي گڏجي ڏسڻو پوندو. جيڪو به جسمم جي بيانن ۽ پاليسين کي هن مجموعي تناظر کان ڌار ڪري پڙهندو، اهو سندن جزوي صورت ڏسي سگهندو، پر سندن موقف جو پورو مفهوم، قومي مقصد ۽ جدوجهد جو مجموعي ڳر سمجهي نه سگهندو.
شفيع برفت
چيئرمين، جيئي سنڌ متحده محاذ
Mustafa Samo retweeted
یہ دھمکی نہیں ہے، یہ تاریخ کا سچ ہے. سندھ ہمارا وطن ہمارا ملک، جو ہزاروں سال قديم ملک رہا ہے، اسے کسی ٨٠ سالہ وفاق پر قربان نہیں کیا جا سکتا. وفاق آتے جاتے رہتے ہیں، تاریخی قومیں برقرار رہتی ہیں. سوویت یونین، یوگوسلاویہ، مشرقی جرمنی، چیکوسلواکیہ، اس سے پہلے سلطنت عثمانیہ دیکھ لیں
Mustafa Samo retweeted
ایک بات کی سمجھ نہیں آئی ہے کہ اگر سردار اختر جان مینگل دوبارہ بلوچ پیدا ھونے کی خواہش کررہے ہیں تو اس پر میرے پنجابی بھائی کیوں اعتراض کررہے ہیں؟
فواد چوھدری جیسے گٹر پنجابی سارا دن پنجابی ھونے پر فخر کرتے ہیں تو ایک بلوچ کی خواہش پر اعتراض کیوں ھورہا ہے؟
Mustafa Samo retweeted
منهنجو جنم ۽ جيئي سنڌ متحده محاذ جو جنم ۲۵ نومبر تي ٿيو آهي، ان ڪري باشعور سنڌي ۽ قومي ڪارڪنن جيڪي جسمم جي جنم تي مبارڪ ڏيندا مان سمجهندس ته مون کي به پنهنجي جنم ڏينهن جي مبارڪ ملي آهي.






















