Dr A Qadeer Memon (@PIRSANIA) header
Dr A Qadeer Memon (@PIRSANIA) profile picture

Professional Doctor M.B;B.S ,Socio_ Political Mobilizer, Writer, columnist and Son of Soil

Naushahro Feroze Pakistan
Joined April 2010
(پريس رليز) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني هيٺ ڏنل پريس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته : وزيرن جي ٽولي جي ريفرنڊم تي اچڻ جي مثال جي مذمت ڪئي وڃي ٿي. ريفرنڊم ڪو متبادل ناهي ۽ نه ئي اهو آئين 1973 جي آرٽيڪل 239(4) ۾ ڏنل طريقيڪار کي ختم ڪري سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن صوبي جي علائقائي حدن کي تبديل ڪرڻ لاءِ آهي. ريفرنڊم جي نتيجي کي عدالت جي حق ۾ موڪلڻ جي بيان بازي پارليامينٽ جي خودمختياري کي نقصان پهچائيندي ۽ صوبائي اسيمبلي جي آئيني اختيارن تي زنجيرون وجهڻ جي برابر هوندي. ڪا به عدالت آئين کي پڙهي يا ٻيهر لکي نٿي سگهي. جيڪڏهن ڪا به عدالت ائين ڪري ٿي، ته اها آئيني طريقيڪار کي نقصان پهچائيندي، آئين پاران ڏنل صوبائي اسيمبلي جي حق کي جيڪو ان جي علائقائي حدن ۾ تبديلي تي ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ پارليامينٽ جي خودمختياري کي به نقصان پهچائيندو. اهو 1973ع جي آئين جي بنيادي اصول کي تبديل ڪندو. ڇا نظام اهڙي انحراف کي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ (سينيٽر ميان رضا رباني) #SindIsOnlyOne
58
سندہ وحدت مارچ کراچی #SindhIsOne
3
15
1
31
264
سنڌ مرڪي پئي...... سنڌ وحدت مارچ، آزادي مارچ ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن سنڌ ورهائيندين پادر کائيندي. #SindhIsOne #انتظامي_يونٽ_نامنظور
3
25
2
73
721
Replying to @geonews_urdu
سندھ ریفرنڈم #SindhIsOne
4
4
54
سنڌ ريفرينڊم...... #SindhIsOne "سنڌ ورهائيندين پادر کائيندي" ڀلي تون ڪهڙو به فني خان يا فني خان جو پٽ هجين. #سنڌڙي_تي_سر_ڪير_نه_ڏيندو_سهندو_ڪير_ميار #انتظامي_يونٽ_نامنظور
11
22
157
اهي وفاقي ادارا جيڪي پنهنجي پوسٽ جي دٻي کي نٿا کولي سگهن، انهن.......... کي وري نئون صوبو گهرجي. پاڻ نه پالي ڪتا ڌاري. @PakPostOffice #SindhIsOne
1
4
1
8
235
صوبا ننڍا ڪرڻ جو بحث يا معدني وسيلن تي ڪنٽرول جي نئين ڪوشش؟ الجزيره جي تازي رپورٽ ۽ وڊيو پاڪستان ۾ چئن صوبن کي 12 تائين ننڍن انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ واري تجويز جو هڪ ٻيو پاسو سامهون آندو آهي. رپورٽ ۾ تجزيه نگارن جي حوالي سان خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته موجوده صوبن ۾ مضبوط سياسي پارٽين کي ڪمزور ڪرڻ سان گڏ معدني وسيلن تي ڪنٽرول به هن بحث جو هڪ ممڪن مقصد ٿي سگهي ٿو. هيءَ ڳالهه اڃا ڪنهن ثابت ٿيل سرڪاري منصوبي جي صورت ۾ سامهون نه آئي آهي، پر سوال ضرور پيدا ڪري ٿي: ڇا واقعي مقصد عوام کي بهتر سهولتون ڏيڻ آهي، يا صوبن جي سياسي ۽ آئيني حيثيت کي ڪمزور ڪري وسيلن تي اختيارن جي نئين ورڇ ڪرڻ آهي؟ پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 172(3) معدني تيل ۽ قدرتي گئس بابت وفاق ۽ لاڳاپيل صوبي جي گڏيل ۽ برابر ملڪيت جو اصول ڏئي ٿو. پوءِ اهو ڪيئن يقيني بڻايو ويندو ته انتظامي نقشي جي تبديليءَ سان صوبن جا آئيني ۽ مالي حق متاثر نه ٿين؟ سنڌ کي نون انتظامي يونٽن جي نالي ۾ ورهائڻ کان اڳ سنڌ جي عوام کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته سنڌ جي زمين، پاڻي، ڪوئلي، تيل، گئس، سامونڊي پٽي ۽ ٻين معدني وسيلن تي اختيار ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ جا حق ڪهڙي اداري وٽ رهندا؟ جيڪڏهن مسئلو حڪمرانيءَ جو آهي ته آرٽيڪل 140-A تي عمل ڪري مڪاني ادارن کي بااختيار بڻايو. جيڪڏهن مسئلو وفاقي مرڪزيت جو آهي ته 18هين ترميم تي مڪمل عمل ڪريو. عوام جي نالي تي عوام کان صوبائي اختيار کسڻ کي اصلاح نٿو چئي سگهجي. سنڌ جي وحدت، خودمختياري ۽ وسيلن تي آئيني حقن جو تحفظ ضروري آهي. سنڌ هڪ آهي ۽ سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن جي اجتماعي حقن سان جڙيل آهن. #SindhIsOne #Pakistan #MineralResources #Article172 #Article239 @aljazira
2
9
1
16
785
سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري صاحب کان چند اهم سوال! سائین منھنجا اوھان ھن وقت تائین سنڌ یونیورسٽي جا بھتر وائیس چانسلر ثابت ٿیا آھیو۔ سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٺٽي، بدين، دادو ۽ نوشهري فيروز وارا ڪئمپس آخر ڪهڙي انتظامي صورتحال ۾ هلي رهيا آهن؟ ڇا انهن ڪئمپسز جا پرو وائيس چانسلر باقاعدگيءَ سان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن؟ ڇا سندن حاضري، ڪارڪردگي ۽ ڪئمپسز جي تعليمي توڙي انتظامي ترقيءَ جو ڪو احتساب به ٿئي ٿو؟ خاص طور تي دادو ۽ ٺٽي جي ڪئمپسز جي پرو وائيس چانسلرن بابت اهو سوال اٿي ٿو ته هو پنهنجن مقرر ڪيل ڪئمپسز بدران گهڻو وقت ڄامشوري جي مين ڪئمپس ۾ ڇو گذارين ٿا؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سندن مقرريءَ جو اصل مقصد ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن اهي پنهنجي لاڳاپيل ڪئمپسز ۾ مستقل موجود رهي، تعليمي ۽ انتظامي ذميواريون نڀائڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن، ته پوءِ کين انهن عهدن تان هٽائي، اهل، متحرڪ ۽ ذميوار تعليمي منتظم ڇو نٿا مقرر ڪيا وڃن؟ پرو وائيس چانسلر جو عهدو رڳو عهدي، مراعتن ۽ پروٽوڪول لاءِ ناهي، پر ڪئمپس جي تعليمي معيار، انتظامي ڪارڪردگي، شاگردن جي سهولتن ۽ اداري جي ترقيءَ لاءِ هڪ وڏي ذميواري آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کي گهرجي ته سڀني ڪئمپسز جي پرو وائيس چانسلرن جي حاضري، ڪارڪردگي، ترقياتي منصوبن ۽ جوابدهيءَ جو شفاف جائزو وٺي. اهڙي صورتحال لاءِ سنڌيءَ جي مشهور چوڻي بلڪل ٺهڪي اچي ٿي: ”نڌڻڪا گهوڙا، غائباڻا سوار!“ ڊاڪٽر فتح محمد مري صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪئمپس رڳو نالي ماتر نه، پر حقيقي معنيٰ ۾ فعال، خودمختيار ۽ معياري تعليمي ادارا بڻجڻ گهرجن. ان لاءِ عملي قدم، مستقل نگراني ۽ سخت انتظامي جوابدهي وقت جي اهم ضرورت آهي. CP
1
3
8
551
My letter published today's Dawn Regulatory scrutiny FOURTEEN years ago, I had written a letter, “‘Drug of choice’ for children: caution” (Feb 25, 2012), raising concern over the promotion and use of ciprofloxacin suspension in children as a ‘drug of choice’. Fourteen years later, the matter deserves to be raised again. The issue is not whether ciprofloxacin can be prescribed to children. Current prescribing information recognises limited paediatric indications. For instance, the Food and Drug Administration (FDA) specifically states that ciprofloxacin is not a drug of first choice in the paediatric population. The concern in Pakistan is whether these restrictions are actually being observed in everyday practice. Ciprofloxacin appears to be used for a much wider range of childhood complaints, including suspected typhoid, diarrhoeal illness and unexplained fever. If such prescribing practices are common without appropriate diagnosis, microbiological evidence or consideration of alternatives, they deserve urgent regulatory scrutiny. There is another reason for urgency. Pakistan has experienced extensive fluoroquinolone resistance in Salmonella Typhi. For instance, a large laboratory analysis of Pakistani data from 2017-19 found 66.4 per cent of such isolates resistant to ciprofloxacin. More recent paediatric data from 2024-25 also reported ciprofloxacin resistance in all extensively drug-resistant (XDR) typhoid cases. Dr Abdul Qadeer Memon Naushahro Feroze Published in Dawn, November 9th, 2026 #DRAP #FDA @FDADrugs @DRA_Pakistan Dawn.com #PMA_Sindh @siehspk @WHOPakistan dawn.com/news/2043189/regula…
1
2
100
زمين کي ٺاهڻ تائين، محنت ،قدرت، خرچ ۽ انتظار کانپوءِ هاري ۽ زميندار کي هائبرڊ جو في مڻ سارين جا ملن ٿا 2550 روپيا في مڻ!!! في مڻ جو خرچ، مزدوري، ڍل ۽ آبيانو ڪڍي ٻڌائيندا ته هاري ۽ زميندار کي في مڻ گهڻي پيو 6 مهينن جي انتظار، محنت ۽ انويسٽمينٽ تي؟ حڪومت سنڌ آئينده سال ڪڻڪ ۽ سارين جي آبادگارن کي صحيح اگھ وٺي ڏين @AgriSindh @TeamChiefSardar @SindhCMHouse @MuradAliShahPPP @BBhuttoZardari @BBCUrdu @Saeed_Sangri
1
13
21
478
چار سالن جي اندر....👇 20 لک وارو روسي ٽريڪٽر 70 لک جو ٿي ويو، 2 لک واري گوبل 10 لک جي ٿي وئي ڀاڻ ڊي اي پي 9 ھزار واري 18 ھزار ٿي وئي يوريا 25 سئو وارو 48 سئو تي پھتو هاري جي 200 واري ڪوڏر 2000 جي ٿي وئي ڊيزل 150 روپيا في ليٽر 400 روپيا في ليٽر ٿي وئي آبادگار ھارين جي جنس جا اگھ ٽڪي ڌڙي چار سالن کان سارين جو ريٽ 2200 کان 2700 روپيا في مڻ تي بيٺل آهي، جڏهن ته زمين لاء استعمال ٿيندڙ مشينون ڀاڻ، ڊيزل، زرعي دوائون، مزدوري ۽ ٻين خرچن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي چڪي آهي. آخر ڪهڙي شئي آهي جيڪا چئن سالن ۾ ساڳئي ريٽ تي بيٺل آهي...؟ آبادگارن جي محنت ۽ وڌندڙ زرعي خرچن کي نظر ۾ رکندي سارين جو گهٽ ۾ گهٽ اگھ 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، جيئن آبادگارن کي سندن محنت جو جائز معاوضو ملي سگهي cp @TeamChiefSardar @SardarM86930180 @AgriSindh @CMSindh @MuradAliShahPPP @WusatUllahKhan @geonews_urdu
1
10
3
20
789
پ پ پ چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪميٽي نوشهروفيروز جي #3 سالن جي ڪارڪردگي هڪ نظر ۾! ٽائون ميونسپل ڪميٽي نوشهروفيروز جي آفيس ۾ داخل ٿيندڙ رستي جي حالت ڏسي توهان اندر واري آفيس جو بخوبي اندازو ڪري سگهو ته ڇا ان آفيس ۾ شهري ڪم ڪار لاءِ ايندا هوندا؟ @BBhuttoZardari @MuradAliShahPPP @SyedNasirHShah @KarachiTimes123 @ZiaLanjar
4
8
230
غریب کسانوں کے نام پر تقریباً ایک ارب خرچ، کچن گارڈننگ اسکیم کٹس کہاں گئیں؟ کسانوں کے لیے کچن گارڈننگ کٹس خریدی گئیں، مگر تقسیم کا ریکارڈ غائب محکمہ زراعت سندھ کے ماتحت ڈائریکٹر جنرل آن فارم واٹر مینجمنٹ سندھ، حیدرآباد کا کارنامہ 99 کروڑ 97 لاکھ خرچ، آڈٹ پوچھتا رہا، کٹس کہاں گئیں؟ غریب خواتین کسانوں کے نام پر خرچ، شناختی ریکارڈ تک غائب ایک ارب کی اسکیم، نہ مستحقین کا پتا، نہ کٹس کا کٹس کی خریداری کے بل موجود، مگر قیمتوں کا حساب غائب سرکاری خزانے سے ادائیگیاں، مگر جی ایس ٹی کٹوتی کا ریکارڈ غائب کروڑوں کی خریداری، نامکمل انوائسز اور ٹھیکیداروں کی تفصیلات بھی نامکمل بول نیوز کو آڈٹ رپورٹ کی کاپی موصول ہوگئی رپورٹ:اظہار سومرو، سینیئر انویسٹیگیٹو جرنلسٹ @WBG_Pakistan @WorldBankSAsia @WBG_Poverty @TeamChiefSardar @MuradAliShahPPP
4
11
236
اڄوڪي روزاني عوامي آواز ۾ شايع ٿيل منهنجو ڪالم ”ڪيٽي بندر: سنڌ جي زمين تي بندرگاهه، پر ڪمائي ۽ اختيار ڪنهن جا؟“ ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ ڪيٽي بندر جي ترقي، ڊيپ سي پورٽ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي مخالفت نه، پر اسان جو سوال آهي ته سنڌ جي زمين تي ٺهندڙ بندرگاهه جا اختيار، آمدني ۽ معاشي فائدا ڪنهن کي ملندا؟ ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم جي وفاقي انتظام واري تجربي کي نظر ۾ رکندي، سنڌ کي ڪيٽي بندر بابت پنهنجا حق اڳواٽ قانوني طور محفوظ ڪرڻ گهرجن. زمين جي مالڪي، بندرگاهه جو انتظام، آمدنيءَ ۾ سنڌ جو حصو، مقامي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ مهاڻن جا حق ڪنهن به معاهدي کان اڳ واضح ٿيڻ گهرجن. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته منصوبي جا معاهدا، قانوني حيثيت ۽ آمدنيءَ جي ورڇ جو فارمولو عوام ۽ سنڌ اسيمبليءَ آڏو رکي. #KetiBunder #SindhRights #SindhIsOne @MuradAliShahPPP @SindhGovt1 Awami Awaz Epaper – Sindhi Newspaper share.google/i4BBG1sjpJmSwGq…
1
13
23
401
20 سالن کان پوء به پ پ پ وارن کان هيء طالب سولنگي وارڊ نمبر 14 جو روڊ نه ٺهيو، انشاء الله اسين ٺهرائي سندن منهن تي برف لڳائينداسين
2
5
4
14
1,955
سنڌ جي وحدت، ساحلن، وسيلن، پاڻي، ناڻي ۽ مڪمل صوبائي خودمختياريءَ لاءِ سمورين سياسي، قومي، وفاقي، سماجي، واپاري، هاري ۽ مزدور تنظيمن کي هڪ گڏيل، مستقل ۽ نتيجاخيز جدوجهد جي ضرورت آهي. سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ هڪ بنيادي سوال اسان سڀني جي سامهون آهي ته ڇا سنڌ جا قومي حق حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀئي سياسي ڌريون پهرين پنهنجي نظرياتي اختلافن کي ختم ڪن، يا اهي پنهنجا اختلاف برقرار رکندي به سنڌ جي گڏيل مفادن لاءِ هڪ گڏيل جدوجهد ڪري سگهن ٿيون؟ (ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ) #SindhIsOne Awami Awaz Epaper – Sindhi Newspaper share.google/Cn7XQeXFSBhUU53…
1
5
9
291
صرف 8.5 ارب رپيا 2014 کان 2018 تائين *روشن سنڌ پروگرام *جي نالي استعمال ٿيا، هاڻي گذريل 8 سالن کا انهن سولر لائيٽس جي مينٽيننس ۽ ريپيئر وزير اعلي سنڌ مقرر ئي ناهي ڪئي. @MuradAliShahPPP @Saleemghulam22 @PPP_Org @BBhuttoZardari #NAB #RDD
5
8
193
ايم پي اي #Ps_34 ایم اين اي #NA_212, چيئرمين، ٽائون ميونسپل آفيسر ڪميٽي نوشهروفيروز ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز نه ڏسن. بلڪه انهن جي ڪارڪردگي چيڪ ڪئي وڃي @BBhuttoZardari
1
7
14
282
وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي اربين رپين جي روشن سنڌ جي نالي ۾ سنڌ کي "اونده ۾ غرق" ڪرڻ جو اختيار توهان عوام ڏنو آهي؟ @MuradAliShahPPP @CMSindhMediaCel @SaleemBalochMPA #RDD #SRDD #SindhRoshanProgram
4
1
9
187